وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ 21 سيپٽمبر تي آمريڪا روانو ٿيندو

shahid-khaqan-abbasi-210516

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ 21 سيپٽمبر تي آمريڪا روانو ٿيندو، وزيراعظم چيو آهي ته افغان جنگ پاڪستان ۾ وڙهڻ نه جي اجازت نه ڏني ويندي.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ پرڏيهي وزير خواجا محمد آصف 21 يا 23 سيٽمبر تي آمريڪا روانو ٿيندا، جتي وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو، اجلاس جي موقعي تي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو.

آمريڪي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته افغانستان جا معاملا افغانستان تائين محدود رکيا وڃن.

هن افغانستان جا معاملا افغانستان تائين محدود رهڻ گهرجن ۽ افغانستان معاملي جو سياسي حل نڪرڻ گهرجي،

وزيراعظم واضح ڪيو ته پاڪستان دهشتگردن جي پٺڀرائي نه ٿو ڪري، نه ئي وري پاڪستان ۾ دهشتگرن جا ڪي محفوظ ٺڪاڻا موجود آهن.

شاهد خاقان عباسي چيو ته اڳوڻي آمريڪي صدر جي افغان پاليسي ناڪام ٿي وئي، هئي، هاڻوڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سوچ مان ظاهر آهي ته سندس پاليسي به ناڪام ٿي ويندي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*