واپڊا کي خانگائڻ سان نقصان نه پر فائدو ٿيندو، پاڻي ۽ بجلي جو مملڪتي وزير عابد شير علي

پاڻي ۽ بجلي جي مملڪتي وزير عابد شير علي دعويٰ ڪئي آهي ته 2017ع تائين لوڊشيڊنگ ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي اچي ويندي، عمران خان  جي شادي هاسٽريڊنگ هئي ۽ هو اسان کان اوپن پيلٽ جو مطالبو ڪري رهيو آهي.

سکر ۾ 66 ڪي وي گرڊ اسٽيشن جو افتتاح ڪرڻ بعد مملڪتي وزير عابد شير علي چيو ته عمران خان کي پنهنجو برت سرٽيفڪيٽ تي شق آهي ته تصديق ڪرائي سگهي ٿو.

عابد شير علي چيو ته عمران خان جي شادي هاسٽريڊنگ هئي ۽ هو وري سان کان اوپن بيلٽ جو مطالبو ڪري رهيو آهي.

عابد شير علي چيو ته عمران خان کي سندس پارٽي جا ايم پي ايز اڪيلو نه ڇڏي وڃن، ان ڪري هو اوبن بيلٽ جو مطالبو ڪري رهيو آهي.

عابد شير علي چيو ته بابر اعواڻ گذريل حڪومتي دور ۾ بابر اعواڻ بجلي جي مختلف معاهدن تي 4 ڪروڙ رپيا رشوت ورتي ۽ هاڻ وري شيخ السلام ٿي گهمي رهيو آهي.

عابد شير علي چيو ته  بابر اعواڻ جي ڪرپشن بابت نيب جاچ ڪري رهي آهي، عوام جا هڙپ ڪيل پيسا واپس اوڳاڙيا ويندا.

مملڪتي وزير وزير وڌيڪ چيو ته واپڊا کي خانگائڻ سان نقصان نه پر فائدو ٿيندو، ملڪ اندر مختلف پاور پروجيڪٽس تي ڪم هلي رهيو آهي، 2017ع تائين لوڊشيڊنگ تي وڏي حد تائين گهٽتائي اچي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*