ڳڙهي ياسين ويجهو ڳوٺ روس معرفاڻي مان غلام شاهه ٿاڻي پوليس پاران 6 عورتن ۽ 6 ٻارڙن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف
ڳڙهي ياسين ويجهو ڳوٺ روس معرفاڻي مان غلام شاهه ٿاڻي پوليس پاران 6 عورتن ۽ 6 ٻارڙن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف مارفاڻي برادري جي عورتن احتجاجي مظاهرو ڪيو.
مسمات نظيران ۽ مسمات خانل جي اڳاوڻي ۾ عورتن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.
احتجاج ڪندڙ عورتن چيو ته ايس ايڇ او غلام شاهه جي اڳواڻي ۾ پوليس مينهن چوري جي الزام هيٺ ڳوٺ تي چڙهائي ڪري 6 عورتن ۽ 6 ٻارڙن کي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي.
هنن چيو ته اسان جو ڏوهارين سان واسطو ناهي، پوليس عورتن ۽ ٻارڙن کي بيگناهه گرفتار ڪري گم ڪيو آهي.
هنن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته گرفتار ڪيل عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪرائي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.