واهي پانڌي ۾ نئين نلي جو پاڻي روڪڻ خلاف لغاري برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو

wahi pandhi laghari ahtjaj

واهي پانڌي ۾ نئين نلي جو پاڻي روڪڻ خلاف لغاري برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

لغاري برادري جي ماڻهن جاويد لغاري، علي غلام لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي هِنن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته هُنن لکين رپيا خرچ ڪري  نئين نلي جي آڏو ڇهي تيار ڪيوهو، پر  ڪالهه جڏهن کيرٿر جابلو پٽي تي وسڪاري بعد نئين نلي جو پاڻي وهي  آيو ته رستماڻي برادري جي ماڻهن ڇهي کي ڪٽ ڏئي پاڻي پنهنجي واهه طرف وهائي ڇڏيو، جيڪا سراسر ناانصافي آهي.

 هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*