محرابپور ۾ نوجوان عورت هائير سيڪينڊري اسڪول جي استاد تي شادي جو آسرو ڏئي پنجن سالن تائين جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جو الزام هڻندي

mehrabpur nari ahtjaj

محرابپور ۾ نوجوان عورت هائير سيڪينڊري اسڪول جي استاد تي شادي جو آسرو ڏئي پنجن سالن تائين جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جو الزام هڻندي انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ڏنو آهي.

ڳوٺ نور محمد عامر جي رهواسڻ ناري مسمات ڇَتل ڌيءَ علي بخش عامر  هائر سيڪينڊري اسڪول جي استاد محمد حسن عامر خلاف پريس ڪلب آڏو نٽهڻ اُس ۾ ڌرڻو هنيو.

 ان موقعي تي ناري ڇَتل عامر ميڊيا آڏو دانهيندي الزام هنيو ته محمد حسن عامر شادي جو دلاسو ڏئي گذريل پنجن سالن کان کيس جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائيندو رهيو، شادي لاءِ چوڻ تي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

هن چيو ته واقعي بابت علائقي جي معززن آڏو دانهڻ باوجود اڃان تائين ڪو به ازالو نه  ٿي سگهيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته انصاف نه ٿيو ته هو حيدرآباد پريس ڪلب آڏو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*