سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت جا آدمشماري وارا شروعاتي انگ اکر رد ڪري ڇڏيا آهن

Nisar-Khoro-14417

سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت جا آدمشماري وارا شروعاتي انگ اکر رد ڪري ڇڏيا آهن، سينئر صوبائي وزير نثار کهڙو چيو آهي ته آدمشماري جا انگ اکر سنڌ سان دشمني ۽ سازش آهي.

پ پ سنڌ جي صدر ۽ سينيئر وزير پاران جاري ڪيل پريس ريليز ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي سرڪار آدمشماري جا انگ اکر راز ۾ رکي سنڌ خلاف سازش ڪئي آهي.

 هن چيو ته آدمشماري جي معاملي تي سياسي جماعتن وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪئي ويندي ۽ تڪراري آدمشماري انگن اکرن تي ويچار لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس  سڏائي ويندي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*