ڪرپشن جو مڪمل خاتمو آڻڻ لاءِ عوام کي ڀرپور سهڪار ڪرڻو پوندو، نيب چيئرمين قمرالزمان چوڌري

نيب چيئرمين چوڌري قمر الزمان چيو آهي ته ڪرپشن جا ڪيترائي ڪيس جاچ هيٺ آهن، ڪوشش آهي ته جلد کان جلد ڪيس اڪلائي عدالتن ڏانهن اماڻيا وڃن.

سکر ۾ نيب جي ريجنل بيورو جو افتتاح ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين چيو ته ڪرپشن جو مڪمل خاتمو آڻڻ لاءِ عوام کي ڀرپور سهڪار ڪرڻو پوندو.

چوڌري قمرالزمان چيو ته سکر نيب ريجنل بيورو ۾ سکر، لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه ڊويزنز اندر ٿيندڙ ڪرپشن ڪيسن جي جاچ ڪئي ويندي.

چوڌري قمرالزمان چيو ته نيب وٽ ڪرپشن جا ڪافي اهم ڪيس جاچ هيٺ آهن، ڪوشش آهي ته انهن ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائي عدالتن ڏانهن اماڻيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*