اليڪشن ڪميشن نون رجسٽرڊ ٿيل ووٽرز جي فهرستن کي ويب سائيٽ تي اپ ڊيٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اليڪشن ڪميشن، نون رجسٽرڊ ٿيل ووٽرن ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن لاءِ ووٽرز فهرستن کي ويب سائيٽ تي اپ ڊيٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نادرا چيئرمين پڻ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ رجسٽرڊ ٿيل نون ووٽرز ۽ ڪي پي ڪي ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن لاءِ فهرستن تي ويچاريو ويو.

اليڪشن ڪميشن کي بريفنگ ڏيندي نادرا چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ 78 لک نوان ووٽر رجسٽرڊ ٿيا آهن.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ووٽرز ۾ واڌ ٿيڻ بعد اليڪشن ڪميشن پنهنجي ڊيٽا اپ ڊيٽ ڪندي.

ذريعن موجب، اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن کان اڳ چونڊ فهرستون به ويب سائيٽ تي رکيون وينديون.

ذريعن موجب، خيبرپختونخواهه ۾ رجسٽرڊ ووٽن جو انگ هڪ ڪروڙ 22 لک آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*