ڪراچي ۾ مستقل امن لاءِ سياسي ڌريون ڪردار ادا ڪن، آرمي چيف جنرل راحيل شريف

آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جون هدايتون ڪندي چيو آهي ته بهتر نتيجن لاءِ پوليس کي با اختيار ڪري غير سياسي بڻايو وڃي.

گورنر هائوس ۾ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي آرمي چيف چيوته ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف بنا فرق جي آپريشن ڪيو پيو وڃي، پوليس کي بااختيار ڪري ان کي غير سياسي بڻايو وڃي.

آرمي چيف چيوته ڪراچي ۾ مقرريون ۽ بدليون سياسي مداخلت تي نه ٿيڻ گهرجن ۽ اهي مقرريون ايپيڪس ڪميٽي ذريعي ڪيون وڃن.

آرمي چيف جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪي معيشت ۾ ڪراچي جو وڏو حصو آهي، ڪراچي ۾ امن جو مطلب ملڪ جي خوشحالي آهي.

جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته سياسي وابستگي کان مٿاهون ٿي بنا فرق ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي.

هن چيو ته ڪراچي ۾ مستقل امن لاءِ سياسي ڌريون ڪردار ادا ڪن، رينجرز جي آپريشن سان ديرپا امن لاءِ اميد پيدا ٿيندي.

ان کان اڳ آرمي چيف جنرل راحيل شريف رينجرز هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو جتي کيس ڪراچي آپريشن دوارن هٿ ڪيل جديد هٿيارن جو معائنو ڪرايو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*