صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو چيو آهي ته

khairpur health minister

صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو چيو آهي ته صوبائي حڪومت سمورين سرڪاري اسپتالن کي 90 بلين روپين جون دوائون فراهم ڪري رهي آهي پر ان جي باوجود سرڪاري اسپتالن جي ڪارڪردگي خراب آهي.

خيرپور ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي دوري دوران اجلاس کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو چيو ته سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي پاران صوبي جي سمورن اسپتالن ۾ رڪارڊ دوائون موڪلڻ باوجود کوٽ تي حيرت ٿي رهي آهي.

هن چيو ته ڊاڪٽر سرڪاري ڊيوٽي ڪرڻ بدران پنهنجي خانگي اسپتالن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.

 سڪندر مينڌرو چيو ته حڪومت غريب ۽ بي پهچ مريضن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ چاهي ٿي، ان ڪري مان پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهيان.

صوبائي وزير سول اسپتال خيرپور جي سمورن شعبن جو دورو ڪري مريضن کان فيس وٺڻ واري معاملي جو نوٽس وٺندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪنهن به مريض کان پئسا نه ورتا وڃن، فيس وٺندڙ ملازم خلاف  سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*