نيب سکر پاران گهوٽڪي جي خوراڪ کاتي ۾ 5 ڪروڙ رپين جي گهوٻين جي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي

NAB-13716

نيب سکر پاران گهوٽڪي جي خوراڪ کاتي ۾ 5 ڪروڙ رپين جي گهوٻين  جي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، ريفرنس احتساب عدالت ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

نيب جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر  شھزاده عالم چيو ته خوراڪ کاتي جي اڳوڻي  ڊپٽي  ڊائريڪثر قيصر انڙ، ڪليم انٽرپرائز جي مالڪ محمد ڪليم، اڳوڻي ڊي ايف سي نصرالله چانڊيو،فوڊ گدام انچارج امتياز مهر ۽ محمد مقيم  راجپوت  سان پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري 9 هزار 60 ٻوريون گهوٽڪي کان سکر منتقل ڪندي گم ڪيون آهن.

هن چيو ته نيب گهوٽڪي جي خوراڪ کاتي ۾ 5 ڪروڙ رپين جي گهوٻين  جي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، ريفرنس احتساب عدالت ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*