صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌري چيو آهي ته صحت کاتي اندر انفرا اسٽرڪچر ۽ دوائن جي ڪا به کوٽ نه آهي

sikandar mandhro health minister

صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌري چيو آهي ته صحت کاتي اندر انفرا اسٽرڪچر ۽ دوائن جي ڪا به کوٽ نه آهي، بائيو ميٽرڪ سسٽم تي عمل ڪيو پيو وڃي.

صحت واري صوبائي وزير سڪندر منڌري سول اسپتال شڪارپور جو دورو ڪيو ۽ سهولتن جو جائزو ورتو.

صوبائي وزير سڪندر منڌري ڊاڪٽرن سان گڏجاڻي ڪئي ۽ اسپتال جي انتظامن بابت تفصيل به ورتا.

ڊاڪٽر سڪندر منڌري ڀيو هائوس ۾ بابل ڀيي جي ڏاڏي جي وفات تي تعزيت به ڪئي.

ڊاڪٽر سڪندر منڌري چيو ته سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي ڪا به کوٽ نه آهي.

هن چيو ته ڊاڪٽر ۽ ميڊيڪل اسٽاف ڊيوٽين تي نه ٿا اچن، حاضري کي يقيني بڻائڻ لاءِ بايو ميٽرڪ سسٽم سان گڏ روزانو 10 کان 15 ڊاڪٽرن کي معطل ڪيو پيو وڃي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*