پاڪستان عوامي تحريڪ جو سربراهه طاهر القادري لنڊن کان لاهور پهچي ويو

Tahir-Ul-Qadri-15916

پاڪستان عوامي تحريڪ جو سربراهه طاهر القادري لنڊن کان لاهور پهچي ويو، طاهر القادري چيو آهي ته ادارا ڪمزور ماڻهن کي انصاف ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آهن، ڪو غريب نيب وٽ ڦاسي ٿو جند نه ٿو ڇڏائي سگهي، ساڳيو ادارو وڏن ماڻهن کان جاچ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

لنڊن کان لاهور پهچڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري چيو آهي ته ماڊل ٽائون سانحي جي وارثن طرفان جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ شايع ڪرڻ  جي درخواست ڪئي آهي.

هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته اعليٰ عدليا باقر نجفي ڪميشن رپورٽ کي پبلڪ ڪرڻ ۾مدد ڪندي.

عوامي تحريڪ جي سربراهه چيو ته ادارا ڪمزور ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ جي طاقت نه ٿا رکن، جيڪڏهن ڪو ڪمزور نيب ۾ ڦاسي پئي ته جان آجي ڪرائڻ مشڪل ٿي وڃي ٿي.

طاهر القادري چيو ته نيب طرفان شريف ڪٽنب کي پيش ٿيڻ لاءِ 3 نوٽيس جاري ڪيا ويا، پر ڪو به  شريف ڪٽنب جو شخص پيش نه ٿيو.

هن چيو ته نيب آرڊيننس 1999ع جي سيڪشن 16 موجب، هڪ مهيني ۾ فيصلو اچڻ گهرجي پر سپريم ڪورٽ 6 مهينا وقت ڏئي شريف خاندان تي هلڪو هٿ رکيو آهي.

طاهرالقادري چيو ته سپريم ڪورٽ نوازشريف کي قانون موجب نااهل ڪيو آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*