عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته سندس جان کي خطرو آهي

Shaikh-Rasheed-3916

عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته سندس جان کي خطرو آهي، ايل اين جي اسڪينڊل ڪرپشن جو سمنڊ آهي، شاهد خاقان عباسي مرڪزي حصيدار آهي، وزيراعظم مهانگي اگهه ۾ ايل اين جي جو معاهدو ڪيو.

اليڪشن ڪميشن ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خلاف ريفرنس داخل ڪرائڻ بعد ميڊيا سان  ڳالهائيندي  شيخ رشيد چيو ته سندس جان کي خطرو آهي.

هن چيو ته ايل اين جي اسڪينڊل ڪرپشن جو سمنڊ آهي، شاهد خاقان عباسي مرڪزي حصيدار آهي. وزيراعظم قطر سان مهانگي اگهه ۾ ايل اين جي خريد ڪئي.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته اسڪينڊل ۾ ملوث هئڻ سبب وزيراعظم صادق ۽ امين نه  رهيو آهي،

هن چيو ته قطر معاهدو چين، بنگلاديش ۽ ڀارت کان به مهانگو آهي ۽ ان معاهدي تي 200 ارب جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ شاهد خاقان عباسي ۽ ٻيا ماڻهو ملوث آهن.

شيخ رشيد چيو ته معاهدي جا دستاويز نه ملڻ سبب ريفرنس داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*