پاڪستان، افغانستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ طوفاني برساتن سبب ٿيل جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي

nafees zakriya

پاڪستان، افغانستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ طوفاني برساتن سبب ٿيل جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ في الحال اعليٰ سطحي رابطو نه ٿيو آهي.

هفتيوار بريفنگ دوران نفيس ذڪريا چيو ته  اسان جي پرڏيهي پاليسي کي تمام گهڻا چيلنجزآهن.آمريڪي جنرل نڪلسن جي پاڪستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن وارو بيان غير ضروري ۽ قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪو به اعليٰ سطحي رابطونه ٿيو آهي.

آمريڪي جنرل نڪلسن جي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ٺڪاڻن بابت بيان کي رد ڪندي نفيس ذڪريا چيو ته بيان غير ضروري ۽ قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي.

ڪشمير بابت ڳالهائيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو سلسلو جاري آهي، حريت اڳواڻن جي گرفتاري تي تمام گهڻي ڳڻتي آهي.

نفيس ذڪريا چيو ته موجوده حالتن ۾ عبدالباسط جي مبينا خطت تي ڪو به بحث نه ڪرڻ  گهرجي ۽ چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي اهڙن ڳالهين کان پاسو ڪرڻ گهرجي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*