دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پهتل حاجي سڳورا حج جي مکيه رڪن جي ادائيگي لاءِ عرفات جي ميدان تي پهتل آهن

saudi khutba

دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پهتل حاجي سڳورا حج جي مکيه رڪن جي ادائيگي لاءِ عرفات جي ميدان تي پهتل آهن، ڊاڪٽر شيخ سعد بن ششري حج جو خطبو ڏيندي چيو آهي ته پاڙيسرين جي حق جو خيال رکو ۽ تقويٰ اختيار ڪريو، اسلام مڪمل معاشي ۽ سماجي نظام ڏنو آهي.

مسجده نمره ۾ شيخ سعد بن ناصر ششري حج جو خطو ڏيندي چيو آهي ته مان گواهي ڏيان ٿو ته الله جو شريڪ ڪو به نه آهي، الله کان ڊڄو جيڪو حق آهي، الله سمورين امتن لاءِ  پيغمبر موڪليا.

سندس چوڻ هو ته الله حڪم ڪيو ته ان کانسواءِ ٻيو ڪنهن جي آڏو نه جهڪو، رسول اڪرم صلي الله وسلم کي الله تعاليٰ اسان جي هدايت لاءِ موڪليو، نيڪيون گناهن کي ختم ڪري ڇڏينديون آهن.

شيخ سعد بن ناصر ششري حج جو خطو ڏيندي چيو آهي ته توحيد جو پيغام سڀني پيغمبرن ڏنو، اسلامي تعليم ڀائيچاري ۽ سٺي اخلاق جو درس ڏنو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*