سنڌ هاءِ ڪورٽ ملير روڊ حادثي جي ذميوران جو تعين نه ٿيڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪري ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ملير روڊ حادثي جي ذميوارن جو تعين نه ٿيڻ ۽ متاثرن کي معاوضو نه ملڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي  واقعي واري هنڌ تي فوري طور فائربرگيڊ  نه پهچڻ تي اسٽيل ملز ، ڪي ايم سي ۽ ٻين ادارن کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس صادق حسين ڀٽي تي ٻڌل بئنچ ملير حادثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت فوتين جي وارثن کي معاوضو نه ملڻ ۽ ذميوارن جو تعين نه ٿيڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو.

عدالت واقعي واري هنڌ  تي فوري طور فائربرگيڊ  نه پهچڻ تي اسٽيل ملز ، ڪي ايم سي ۽ ٻين ادارن کان جواب طلب ڪري ورتو.

ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت پاران جواب داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ويو ملير سانحي جي جاچ جاري آهي، جنهن جي مڪمل ٿيڻ بعد رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ويندي.

عدالت رهيل لاشن جي ڊي اين اي ٽيسٽ جلد ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*