لاهور جي پوليس لائينز ٻاهران ڌماڪو، نتيجي ۾ اي ايس آءِ ۽ پوليس اهلڪار سميت 5 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

لاهور جي پوليس لائينز ٻاهران  ڌماڪي جي نتيجي ۾  اي ايس آءِ سميت 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 25 زخمي ٿي پيا آهن، سـِي سـِي پـِي او لاهور چوڻ آهي ته  ڌماڪو آپگهاتي هو، حملي آور پوليس لائينز ۾ داخل ٿيڻ چاهي پيو، روڪڻ تي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

لاهور جي قلعه گجر پوليس لائينز ٻاهران زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا موقعي تي مارجي ويا ۽ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڌماڪي جي زخمين  کي لاهور جي سول، گنگا رام ۽ ميو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي  اي ايس آءِ وقار زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو، جڏهن ته ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ڌماڪي سبب ڪيترن ئي گاڏين ۽ ويجهين عمارتن کي باهه لڳي وئي، جڏهن ته ڀرپاسي جي عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا ۽ 12 دڪان پڻ تباهه ٿي ويا.

سي پي او لاهور جو چوڻ آهي ته ڌماڪو  آپگهاتي هو، حملي آور جي سسي ملي وئي آهي.

سي سي پي او لاهور چيو ته شروعاتي اطلاعن موجب، آپگهاتي حملي آور پوليس لائين ۾ داخل ٿيڻ چاهي پيو، اهلڪارن پاران روڪڻ تي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*