ڀارت ۾ سوائن فلو سبب 3 ڏينهن اندر هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا

سوائن فلو ڀارت ۾ انساني جانيون تيزي سان ڳڙڪائڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، رپورٽ موجب رڳو 3  ڏينهن اندر ڀارت ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهو سوائن فلو سبب فوت ٿي چڪا آهن.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب 12 فيبروري تائين هلندڙ سال سوائن فلو سبب فوت ٿيل مريضن جو انگ 485 هو، پر 15 فيبروري تائين اهو انگ 585 ٿي ويو، جڏهن ته هلندڙ سال ايڇ ون اين ون وائرس کان وڌيڪ 8 هزار 423 ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

رپورٽ موجب ڀارتي سڀ کان وڌيڪ متاثر راجسٿان، گجرات، مڌيا پرديش ۽ مهاراشٽر رياستون آهن، راجسٿان ۾ هن وقت تائين 165 ماڻهو سوائن فلو سبب فوت ٿي چڪا آهن، گجرات ۾ 144، مڌيا پرديش 76 ۽ مهاراشٽر رياست ۾ 58 ماڻهو سوائن فلو کان زندگي جي جنگ هارائي چڪا آهن.

سوائن فلو سبب جتي انساني جانين جو نقصان ٿي رهيو آهي اتي ڀارتي رياست راجسٿان ۽ مهاراشٽر ۾ سياحت به سخت متاثر ٿي آهي، هڪ اندازي موجب ٻنهي رياستن کي 5 هزار 5 سئو ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو آهي.

سوائن فلو سبب موت جي شرح سڀ کان وڌيڪ ڀارتي پنجاب ۾ آهي، جتي متاثر 68 ماڻهن مان 25 مريض فوت ٿيا ، جيتوڻيڪ دلي ۽ تامل ناڊو ۾ به سوائن فلو جا گهڻا ڪيس ظاهر ٿيا آهن پر ٻنهي رياستن ۾ وائرس سبب موت جي شرح ٻين رياستن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*