شڪارپور ضلعي جي سمورن مدرسن ۾ پوليس ۽ رينجرز پاران سرچ آپريشن استادن ۽ شاگردن جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو

شڪارپور ضلعي جي سمورن مدرسن ۾ پوليس ۽ رينجرز پاران سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي، ان دوران مدرسن جي استادن ۽ شاگردن جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آهي.

شڪارپور سانحي کانپوءِ  سڪيورٽي خدشن سبب ضلعي جي 144  مدرسن ۾ پوليس ۽ رينجرز پاران سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.

سرچ آپريشن دوران مدرسن ۾ ديني تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جو سمورو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آهي.

سرچ آپريشن دوران ٻارڙن کي پڙهائيندڙ استادن ۽ انتظاميا جو به سمورو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته سرچ آپريشن جو مقصد استادن ۽ شاگردن توڙي انتظاميا بابت آگاهي حاصل ڪرڻ آهي ته جيئن انهن ۾ پناهه وٺندڙ دهشتگردن کي پڪڙو وڃي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سرچ آپريشن دوران هيل تائين حاصل ڪيل رڪارڊ موجب سمورن استادن ۽ شاگردن سميت انتظاميا جو تعلق ضلعي جي مختلف شهرن سان آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*