ذوالفقار مرزا پاران پارٽي قيادت تي لڳايل الزام بي بنياد آهن، شرجيل انعام ميمڻ

پيپلزپارٽي ذوالفقار مرزا کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ذوالفقار مرزا آصف زرداري ۽ بلاول وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا بلاول پنهنجي ٽويٽ بيان ذريعي ناڪام بڻائي ڇڏي، انور مجيد محنتي ۽ ڪاروباري ماڻهو آهي، ذوالفقار مرزا جا مٿس الزام به بي بنياد آهن.

 بلاول هائوس  ڪراچي ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي  شرجيل انعام ميمڻ  چيو ته ذوالفقار مرزا پاران پارٽي قيادت تي لڳايل الزام بي بنياد آهن ۽ هن جيڪي الزام مڙهيا اهڙا الزام ماضي ۾ مخالفن لڳا يا هئا.

هن چيو  ته ذوالفقار مرزا  بلاول ڀٽو زرداري آصف زرداري  وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي   جيڪا بلاول پنهنجي ٽويٽ بيان ذريعي ناڪام بڻائي ڇڏي آهي.

صوبائي وزير چيو ته ذوالفقار مرزا جي سي اي سي جي ميمبر شپ ۽ کيس  شوڪاز نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو پارٽي قيادت ڪندي.

هن چيو ته جيڪڏهن ذوالفقار مرزا کي پارٽي تي اعتماد نه آهي، ته پوءِ پارٽي قيادت به کانئس لاتعلقي ظاهر ڪري ٿي.

شرجيل ميمڻ چيو ته انور مجيد ڪاروباري ماڻهو آهي، اُن بيمار صنعتن کي هلائي هزارين ماڻهن کي روزگار ڏنو آهي.

صوبائي وزير چيو ته ذوالفقار مرزا هڪ طرف آصف زرداري سان دوستي جو اعتراف ڪري ٿو ته ٻئي پاسي مٿس تنقيد ڪري ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*