ڌماڪي ۾ 5 کان 8 ڪلو گرام ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو ويو آءِ جي پنجاب مشتاق سکيرا

آءِ جـِي پنجاب مشتاق سکيرا لاهور ڌماڪي ۾ 5 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڌماڪو آپگهاتي هو، جنهن ۾ 5 کان 8 ڪلوگرام بارودي مواد استعمال ڪيو ويو.

لاهور ۾ ڌماڪي جو نشانو بڻيل پوليس لائينز جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي پنجاب مشتاق سکيرا چيو ته پوليس لائينز ٻاهران ڌماڪو 12 وڳي 36 منٽن تي هو.

هن چيو ته آپگهاتي بمبار پوليس لائينز ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر سڪيورٽي سخت هئڻ سبب اهو پنهنجي ٽارگيٽ تائين نه پهچي سگهيو ۽ گيٽ تي ئي پاڻ کي ڌماڪيدار مواد سان اڏائي ڇڏيو.

آءِ جي پنجاب چيو ته، ڌماڪي ۾ سب انسپيڪٽر سميت 5 ڄڻا شهيد ۽ 25 زخمي ٿيا آهن.

مشتاق سکيرا چيو ته ڌماڪي ۾ 5 کان 8 ڪلو گرام ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو ويو، پنجاب جي مختلف شهرن ۾ آپگهاتي حملن جي ڪاررواين بابت انٽيليجنس اطلاع مليل هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*