ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا

ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ بک ۾ پاهه ٿي ۽ بيمارين سان جهيڙيندي معصوم ٻارڙا فوت ٿيڻ جو سلسلو بند نه ٿيو، غذائي کوٽ سبب اڄ وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا.

ٿر جي ڳوٺ ورنائي ۾ اڄ 2 وڌيڪ ٻارڙا فوت ٿيڻ بعد ٿرپارڪر ضلعي اندر غذائي کوٽ سبب فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 59 ٿي ويو.

ڳوٺ ورنائي ۾ واحد بخش نوهڙي جو ٽن ڏينهن جو ٻارڙو الله ڏنو فوت ٿيو، جڏهن ته ساڳئي ڳوٺ جي رهواسي اسحاق نوهڙي جو ٻن ڏينهن جو ٻارڙو امتياز به غذائي کوٽ سبب فوت ٿي ويو.

غذائي کوٽ سبب ٿرپارڪر ضلعي اندر فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 59 ٿي ويو آهي، جڏهن ته سرڪار جي دعوائن باوجود اڃا تائين اهڙن واقعن ۾ گهٽٽائي ناهي اچي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*