ٿر ۾ برساتون ناهن پيون ان ۾ حڪومت جو ڪهڙو ڏوه آهي شرجيل ميمڻ
سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ٿر ۾ برساتون ناهن پيون ته ان ۾ حڪومت جو ڪهڙو ڏوهه آهي، ٿر بابت ميڊيا تي ايندڙ رپورٽس هٿ ٺوڪيون آهن.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته سمورا مسئلا پ پ حڪومت ۾ اٿاريا ويندا آهين، جڏهن ته صحت واري وزارت جو قلمدان گذريل 20 سالن کان پ پ وٽ نه هو.
هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ روزانو 600 کان وڌيڪ ٻارڙا فوت ٿين ٿا، ان بابت ته رپورٽس ڇو نه پيون ٺاهيون وڃن، ٿر ۾ پ پ سرڪار ذميواري سان رليف جو ڪم ڪري پئي.
هن چيو ته ڪراچي ۾ اغوا، ڦرن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي، دهشتگردن سان مقابلو جاري رهندو.
شرجيل ميمڻ جو اهو به چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري لنڊن ۾ ڪو به اجلاس ناهي سڏايو، نه ئي سنڌ حڪومت ۾ تبديلي پئي اچي.
Mithi jy bharpasy wary goth kharo bajeer men juman darbadr naly shaks ji hathrado mehant san thayal hik zameendoz ghar ji nimaesh saveen gothana shareek.report abdullah Bajeer