شڪارپور سانحي خلاف شهداءِ ڪميٽي جي لانگ مارچ جو نمائش چورنگي تي ڌرڻو جاري، ٽريفڪ معطل، سڪيورٽي انتظام سخت

شڪارپور سانحي خلاف 512 ڪلوميٽرن جو فاصلو طئه ڪري ڪراچي پهتل شهداءِ ڪميٽي جي لانگ مارچ جو نمائش چورنگي تي ڌرڻو جاري آهي، وحدت المسلمين چيو آهي ته ڳالهين لاءِ حڪومتي وفد سندن وٽ پهتو آهي، ڳالهين ۾ مثبت نتيجو نه نڪتو ته هو سي ايم هائوس جو رخ ڪندا.

شڪارپور سانحي خلاف شهداءِ ڪميٽي جي لانگ مارچ جو ڌرڻو  علامه امين شهيدي، علامه راجا ناصر عباس، مولانه مقصود ڊومڪي،  مختيار امامي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نمائش چورنگي تي جاري آهي.

نمائش چورنگي تي ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل آهي، جڏهن ته سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

شهداءِ ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ وحدت المسلمين سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مختيار امامي ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڳالهين لاءِ حڪومتي وفد سندن وٽ پهتو آهي.

هن چيو ته وفد ۾ شامل ماڻهن جا نالا هو في الحال ظاهر نه ٿا ڪري سگهن، ڳالهين لاءِ هنڌ جو تعين ڪيو پيو وڃي.

مختيار امامي جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڄ منجهند تائين ڳالهين ۾ ڪو نتيجو نه نڪتو يا سندن سان لکت ۾ ڪو معاهدو نه ڪيو ويو ته هو سي ايم هائوس جو رخ هر حال ۾ ڪندا.

هن چيو ته هو پر امن آهن، ڳالهين جي عمل ۾ ڊي جي رينجرز سميت حساس ادارن جي اهلڪارن کي شامل ڪيو ويندو.

هن مطالبو ڪيو ته دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث مدرسن خلاف آپريشن ڪري پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*