اليڪشن ڪميشن فنڊن ۾ گهوٻين خلاف درخواست تي عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، تحريڪ انصاف جي فنڊن ۾ گهوٻين خلاف درخواست تي پـِي ٽـِي آءِ سربراهه عمران خان کي نوٽيس جاري ڪندي 23 فيبروري تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

تحريڪ انصاف جي اڳوڻي وائيس چيئرمين اڪبر ايس بابر پارٽي جي فنڊن ۾ گهوٻين خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف جي فنڊن ۾ وڏي پئماني تي گهوٻيون ٿي رهيون آهن، اليڪشن ڪميشن معاملي جو نوٽيس وٺي.

اليڪشن ڪميشن اهڙي درخواست تي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

اليڪشن ڪميشن هدايت ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ سربراهه 23 فيبروري تائين جواب داخل ڪرائي.

اليڪشن ڪميشن موجب، اڪبر ايس جي درخواست تي 23 فيبروري تي باضابطه ٻڌڻي به ٿيندي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ پاران ايندڙ جواب جو جائزو ورتو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*