وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ بلوچستان اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس جاري، مختلف معاملن تي غور ڪيو پيو وڃي

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ بلوچستان ايپڪس ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۽ دهشتگردي جا ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن موڪلڻ سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو پيو وڃي.

گورنر هائوس بلوچستان ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، اڳوڻو وزيراعظم ظفر الله جمالي، وڏو وزير عبدالمالڪ بلوچ، دفاع وارو وزير خواجه آصف، ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل ناصر جنجوعا ۽ ٻيا شريڪ آهن.

اجلاس ۾ ايپڪس ڪميٽي پاران وزيراعظم کي بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني پئي وڃي.

دهشتگردي خلاف جوڙيل قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد  ۽ دهشتگردي جا ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن موڪلڻ سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب، ايپڪس ڪميٽي جي اڄوڪي اجلاس ۾ اهم فيصلن جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*