اقتصادي راهداري منصوبي جي روٽ ۾ هڪ انچ به تبديلي ناهي ڪئي وئي، وفاقي وزير احسن اقبال

وفاقي سرڪار، اقتصادي راهداري منصوبي جي روٽ ۾ تبديلي واري خبرن  کي بـي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي، وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته روٽ ۾ هڪ انچ به تبديلي ناهي ڪئي وئي، وزيراعظم جي هدايت تي اهڙي ريت منصوبو جوڙيو آهي، جيڪو چئني صوبن کي ملائيندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ترقي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته اقتصادي راهداري منصوبي بابت مـِن گهڙت خبرون افواهه ڦهلايا ويا آهن.

هن چيو ته جيڪي قوتون پاڪستان جي ترقي نٿيون چاهين، اهي اقتصادي راهداري منصوبي خلاف سازشون ڪري رهيون آهن.

احسن اقبال چيو ته اقتصادي راهداري روٽ ۾ هڪ انچ به تبديلي ناهي ڪئي وئي، وزيراعظم نواز شريف جي هدايت تي اهڙي ريت روٽ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو چئني صوبن کي ملائيندو.

وفاقي وزير چيو ته جنهن به سياسي پارٽي يا شخص کي اقتصادي راهداري روٽ تي اعتراض آهن، حڪومت جا دروازا کليل آهن، هو سڀني سان ڳالهين لاءِ تيار آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*