امريڪا جنگي ڊرون هاڻي ٻين ملڪن کي وڪرو ڪندو، جنهن لاءِ ضروري قانونسازي ڪئي پئي وڃي

امريڪا جنگي ڊرون هاڻي ٻين ملڪن کي وڪرو ڪندو، جنهن لاءِ ضروري قانونسازي ڪئي پئي وڃي.

اوباما انتظاميه فيصلو ڪيو آهي ته اتحادي ۽ دوست ملڪن کي بنا پائلٽ وارا ڊرون جهاز ڏنا ويندا، پرڏيهي کاتي چيو آهي ته ڊرون رڳو اهڙن ملڪن کي وڪرو ڪيا ويندا، جيڪي اها خاطري ڪرائيندا ته هو انهن جو غلط استعمال نه ڪندا.

امريڪي پرڏيهي کاتي موجب جيتوڻيڪ ڪمپنين کي ٻين ملڪن کي ڊرون وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏني  پئي وڃي پر ڊيل حڪومت ڪندي ۽ اهڙن ملڪن کي ڊرون ڏنا ويندا جيڪي شرطون پوريون ڪندا.

ٻين ملڪن کي ڊرون وڪرو ڪرڻ باوجود امريڪا پاڻ انهن ڊرونز جي نگراني به ڪندو ته جيئن اهي ڊرون مقامي ماڻهن خلاف استعمال توڙي ڪنهنجي غير قانوني نگراني  لاءِ استعمال نه ڪيا وڃن ۽ رڳو ملڪي دفاع ۽ عالمي قانون موجب ئي ڊرونز ڪتب آندا وڃن.

امريڪي پرڏيهي کاتي موجب هر ملڪ کي ڊرون وڪرو ڪرڻ واري ڊيل کي ڌار ڌار ڏٺو ويندو ته جيئن شرطن جو پورائو ٿي سگهي.

جيتوڻيڪ امريڪا پاران ڪمپنين کي ڊورن ٻين ملڪن کي وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي پر ان هوندي به 500 ڪلوگرام وزني هٿيار کڻي 186 ڪلوميٽرن تائين اڏام ڪندڙ ڊرونز جي وڪري تي پابندي برقرار هوندي.

هن وقت تائين اٽلي، ترڪي ۽ نار جي ملڪن امريڪا کان ڊرونز خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي  آهي پر واشنگٽن رڳو پنهنجي ويجهي دوست برطانيه کي ڊرون ڏنا آهن.

امريڪا ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان، افغانستان، عراق، يمن ۽ ٻين ملڪن ۾ ڊرون حملا ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ دهشتگردن سان گڏ عام شهري به نشانو بڻجڻ ٿا.

ڊورن حملن ۾ عام شهرين جي مارجڻ سبب عالمي سطح تي سخت اعتراض ۽ احتجاج پڻ ٿيندا رهن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*