دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان تي حڪومت ۽ فوج هڪ پيج تي آهن، وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان تي حڪومت ۽ فوج هڪ پيج تي آهن، اتفاق راءِ سان جوڙيل ايڪشن پلان تي عمل  ڪرائڻ صوبن جي ذميواري آهي، جنهن لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا.

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ بلوچستان ايپڪس ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس  ٿيو، جنهن ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۽ دهشتگردي جا ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن موڪلڻ سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو.

 اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، اڳوڻو وزيراعظم ظفر الله جمالي، وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ، دفاع واري وزير خواجه آصف، ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل ناصر جنجوعا ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

 اجلاس ۾ ايپڪس ڪميٽي پاران وزيراعظم کي بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ايڪشن پلان مسلم ليگ ن جو نه پر سڀني پارٽين جي مشاورت سان جوڙيو ويو آهي، ايڪشن پلان تي هر صورت ۾ عملدرآمد ڪرائڻو پوندو.

وزيراعظم چيو ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ هـُو ۽ آرمي چيف ٽن صوبن جا دورا ڪري چڪا آهن، ايڪشن پلان تي عمل لاءِ صوبن کي ڪم تيز ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته قوم ايڪشن پلان تي عمل جا واضح نتيجا ڏسڻ چاهي ٿي، ايڪشن پلان جي ڪجهه نقطن تي عمل ڪرڻ آسان ناهي پر ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا.

وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته ايڪشن پلان تي عملدآمد لاءِ بلوچستان سميت چئني صوبن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*