نواز ليگ گلگت بلتستان ۾ پلاننگ تحت ڌانڌلي جي تياري ڪري رهي آهي، مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته مسلم ليگ ن گلگت بلستان ۾ پلاننگ تحت ڌانڌلي  جي تياري ڪري رهي آهي، وفاقي وزير کي گلگت جو گورنر مقرر ڪرڻ مان ثابت ٿي ويو ته عام چونڊن ۾ به وڏي پئماني تي ڌانڌلي ٿي  هوندي.

پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته گلگت بلتستان ۾ ڌانڌلي جون تياريون ٿي رهيون آهن، چيف اليڪشن ڪمشنر به مسلم ليگ ن جو آهي.

هن چيو ته گلگت بلستان ۾ خدشن بابت وزيراعظم نواز شريف کي خط لکيو آهي پر هن وقت تائين خط جو جواب ناهي ڏنو ويو.

خورشيد شاهه چيو ته ن ليگ تي اڳ ئي ڌانڌلي جا داغ آهن، حڪومتي قدمن مان ثابت ٿي ويو ته 2013 جي عام چونڊن ۾ به وڏي پئماني تي ڌانڌلي ڪئي وئي.

هن چيو ته گلگت بابت حڪومت جي فيصلن تي خدشا آهن، وزيراعظم اهڙي قدمن کان پاسو ڪري، جنهن سان سندس دوست به دشمن بڻجي وڃن.

هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته تحريڪ انصاف پارليامينٽ ۾ اچي ته بهتر هوندو، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهين لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين.

 ايم ڪيو ايم سان ٻيهر نڪاح بابت شرعي حيثيت جي سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته ان بابت مفتي نعيم کان فتويٰ ورتي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*