شڪارپور سانحي خلاف لانگ مارچ ڪندڙ شهداءَ ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ حڪومتي نمائندن وچ ۾ ڳالهيون جاري

 شڪارپور سانحي خلاف لانگ مارچ ڪندڙ شهداءَ ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ حڪومتي نمائيندن وچ ۾ سي ايم هائوس ۾ ڳالهيون جاري آهن، شهداءَ ڪميٽي چيو آهي ته ڳالهين جو مثبت نتيجو نه نڪتو ته هو سي ايم هائوس آڏو هر حال ۾ ڌرڻو هڻندا.

شڪارپور سانحي خلاف لانگ مارچ ڪري ڪراچي پهتل شهداءِ ڪميٽي جي اڳواڻن  ۽ حڪومتي نمائندن وچ ۾ سي ايم هائوس ۾ ڳالهيون شروع ڪيون ويون آهن.

ڳالهين ۾ سنڌ سرڪار پاران وڏو وزير قائم علي شاهه، ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ڊي جي رينجرز، آءِ جي پوليس، چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار شريڪ آهن، جڏهن ته شهداءُ ڪميٽي پاران علامه ناصر عباس، علامه امين شهيدي، مقصود احمد ڊومڪي سميت 8 رڪني وفد شامل آهي.

ٻئي طرف شهداءِ ڪميٽي پاران نمائش چورنگي تي رات کان هنيل ڌرڻو جاري آهي، جنهن سبب شاهراه فيصل روڊ، ايم جناح روڊ تي ٽريفڪ معطل آهي.

شهداءِ ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ وحدت المسلمين سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مختيار امامي چيو آهي ته حڪومت سان ڳالهيون جاري آهن، ڳالهين ۾ سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته هو هر هال ۾ سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو هڻندا.

هن مطالبو ڪيو ته دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث مدرسن خلاف آپريشن ڪري پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*