سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن پاران جمع ڪرايل نامزدگي فارمن جي جاچ پڙتال وارو عمل جاري

سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن پاران جمع ڪرايل نامزدگي فارمن جي جاچ پڙتال وارو عمل  جاري آهي، اليڪشن ڪميشن کي هن وقت تائين يارنهن ادارن  پاران اميدوارن جا مڪمل تفصيل فراهم ناهن ڪيا ويا.

5 مارچ تي ٿيندڙ سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن پاران نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ وارو عمل مڪمل ٿيڻ بعد جاچ پڙتال وارو عمل شروع ٿي ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب، جاچ پڙتال وارو عمل ٻن ڏينهن تائين جاري رهندو، جنهن لاءِ وقت صبح 10 هين وڳي کان شام 4 وڳي تائين مقرر ڪيو ويو آهي.

 اسلام آباد ۽ فاٽا مان جمع ڪرايل اميدوارن جي نامزدگي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ اليڪشن ڪميشن جي هيڊ آفيس اسلام آباد ۾ ڪئي ويندي، ٻين صوبن ۾ جمع ڪرايل نامزدگي فارمن جي جاچ پڙتال اتان جا جاچ آفيسر ڪندا.

اليڪشن ڪميشن موجب نيب، ايف بي آر ۽ اسٽيٽ بينڪ سميت 11 ادارن کان اميدوارن جا تفصيل گهريا هئا پر هن وقت تائين فراهم ناهن ڪيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*