سنڌ هاءِ ڪورٽ پوري صوبي ۾ پاڻي ڍنڍن تان قبضا ۽ حددخيلون هٽائڻ جو حڪم ڏيندي سڀني ڪمشنرز کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

sindh-highi-court

سنڌ هاءِ ڪورٽ پوري صوبي ۾ پاڻي ڍنڍن تان قبضا ۽ حددخيلون هٽائڻ جو حڪم ڏيندي سڀني ڪمشنرز کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي،عدالت رمارڪس ۾ چيو ته فشريز آرڊيننس تحت ماهيگيرن کي لائسنس جاري ڪيا وڃن.

جسٽس عرفان سعادت خان جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ پاڪستان فشرفوڪ فورم جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي،عدالت رمارڪس ۾ چيو ته فشريز آرڊيننس تحت ماهيگيرن کي لائسنس جاري ڪيا وڃن، عدالتي حڪم تي عمل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پوري سنڌ ۾ 1200ڍنڍون آهن،جتي ماهيگير مڇي ماري پنهنجو ڪاروبار ڪندا آهن، جن تي بااثرن قبضو ڪري ماهيگيرن کي پنهنجي قانوني حق کان محروم ڪيو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو ته سجاول ضلعي جي ڪنپور ڍنڊ جي 1100 ايڪڙن تي قبضو ڪيو ويو آهي، لائسنس هجڻ باوجود ماهيگير ڍنڍ ۾داخل ٿي نٿا سگهن.

عدالت پوري صوبي جي ڍنڍن تان قبضا ۽ حددخليون ختم ڪري سڀني ڪمشنرز کان رپورٽ طلب ڪئي آهي.

Comments

  1. Noor Muhammad Thaheemre
    Noor Muhammad Thaheemre 29 September, 2017, 11:13

    good decisions

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*