سنڌ هاءِ ڪورٽ تانيه خاصخيلي قتل نوٽيس ڪيس تي ڪارروائي ختم ڪندي چالان اي ٽي سي ڪورٽ حيدر آباد ۾ پيش ڪرڻ ۽ ناري جي خاندان کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڇڏيو آهي

tania khaskeli

سنڌ هاءِ ڪورٽ تانيه خاصخيلي قتل نوٽيس ڪيس تي ڪارروائي ختم ڪندي چالان اي ٽي سي ڪورٽ حيدر آباد ۾ پيش ڪرڻ ۽ ناري جي خاندان کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تانيه خاصخيلي قتل نوٽيس ڪيس تي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن ڊي آءِ جي خالد رند ۽ ايس ايس پي ڄامشورو رپورٽ پيش ڪئي.

رپورٽ ۾ آگاهي ڏني وئي ته تانيه خاصخيلي قتل ڪيس جا سمورا جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ ناري جي وارثن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايڊيشنل آءِ جي آفتاب پٺاڻ کي جاچ منتقل ڪئي وئي آهي.

عدالت ناري جي وارثن سان مخاطب ٿيندي پڇا ڪئي ته ڇا اواهان کي ڄاڻ آهي ته سمورا جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن، جنهن تي تانيه جي وارثن هاڪاري جواب ڏنو.

عدالت قتل نوٽيس ڪيس تي ڪارروائي ختم ڪندي ناري جي ڪيس جو چالان حيدر آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪرڻ ۽ خاندان کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*