قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو آهي ته شفاف احتساب لاءِ نئين قانون جي ضرورت آهي

zahid-hamid

قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو آهي ته شفاف احتساب لاءِ نئين قانون جي ضرورت آهي، ججن ۽ جنرلن جي احتساب جي به تجويز ملي آهي، جنهن تي غور ڪيو ويندو.

نيب جي نئين قانون جو جائزو وٺڻ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي زاهد حامد چيو ته سنڌ حڪومت نيب جي نئين قانون کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جنهنڪري نئين قانون کي لاڳو ڪرڻ بابت فيصلو ايندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويندو.

هن چيو ته شفاف احتساب لاءِ نئين قانون جي ضرورت آهي، جڏهن ته نيب جي نئين قانون تي سمورين جماعتن ۾ اتفاق موجود آهي.

زاهد حامد چيو ته فرحت الله بابر ججن ۽ جنرلن جي احتساب جي تجويز ڏني آهي، جنهن تي به غور ڪيو ويندو.

هن چيو ته نئون احتساب قانون وفاق جي حد تائين هوندو ۽ پوري ملڪ ۾ لاڳو ٿنيدو.

زاهد حامد چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ وفاق جو نيب قانون ختم ڪري ڇڏيو آهي، ڪي پي حڪومت به پنهنجو احتساب ڪميشن ٺاهي ڪم جو آغاز ڪيو آهي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته نئين قانون جي لاڳو ٿيڻ بابت وضاحت ٿيڻ گهرجي،ڪوشش آهي ته نئين احتساب ڪميشن لاءِ جلد قانون تيار ڪريون، پارليماني ڪميٽي جو ٻيهر اجلاس 4 آڪٽوبر تي ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*