وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ڊو مور جو مشورو ڏيندڙ دنيا ۾ فساد پکيڙڻ جا ذميوار آهن

Saad-Rafique-1817

وفاقي وزير خواجه سعد رفيق  چيو آهي ته ڊو مور جو مشورو ڏيندڙ دنيا ۾ فساد پکيڙڻ جا ذميوار آهن، عمران جا يهودين سان لاڳاپا ڪنهن کان لڪيل ناهن، پي ٽي آءِ وارا پهرين پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائين.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته عمران خان جا يهودين سان لاڳاپا ڪنهن کان لڪيل ناهن.

ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ تي پرڏيهي فنڊنگ جو ڪيس هلي رهيو آهي، پي ٽي آءِ ٻين کي غدار چوڻ بدران پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي.

سعد رفيق چيو ته ڊو مور جو مطالبو ڪندڙ دنيا ۾ فساد پکيڙي رهيا آهن، جن کي هاڻ هوش مان ڪم وٺڻو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*