اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته نوازليگ ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ ميثاق جمهوريت قائم آهي

Pervaiz-Rasheed-27816

اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته نوازليگ ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ ميثاق جمهوريت قائم آهي، پر عمران خان پنهنجي ئي گهر جون سرون ڪڍي رهيو آهي ۽ مخالف ڌر اڳواڻ ٿيڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي.

هڪ خانگي ٽي چئنل سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته نوازليگ ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ ميثاق جمهوريت قائم آهي، نوازليگ جمهوريت ۽ سياسي استحڪام لاءِ ڪم ڪندي رهندي.

هنن چيو ته وزيراعظم ٿيڻ جو خواب ڏسندڙ مخالف ڌر جو اڳواڻ ٿيڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي ۽ پنهجي ئي گهر جون سرون ڪڍي رهيو آهي.

پرويز رشيد چيو ته ملڪ رياض بيگم ڪلثوم جي طبيعت معلوم ڪرڻ لاءِ لنڊن آيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*