محرابپور ويجهو اسڪول ۾ استادن ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو

mehrabpurmap02-9

محرابپور ويجهو اسڪول ۾ استادن ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ پير قائم شاهه جي ڳوٺاڻن راڄ محمد نانگور، غلام حيدر ، اسلم نانگور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هالاڻي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو .

ان موقعي تي ڳوٺاڻن  جو چوڻ هو ته سندن ڳوٺ ۾ ورلڊ بئنڪ پاران 2 ڪروڙ رپين جي خرچ سان تعمير ڪرايل پرائمري اسڪول ۾ ماستر مقرر نه ٿيڻ ڪري  ٻارڙا  تعليم کان محروم ٿي وياآهن.

 هنن چيو ته اڍائي سئو کان وڌيڪ نياڻيون ۽ ٻارڙا اسڪول ۾ داخل آهن، پر صرف هڪ استاد مقرر آهي، فرنيچر به  نه مليو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري  فرنيچر جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*