ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي خواجه اظهارالحسن

ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهارالحسن چيو آهي ته  ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي، ڇا ڪڻڪ جي ٻورين ۾ ملاوٽ ڪنهن آمر جي ڪارروائي آهي.

سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي متحده اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چيو ته سنڌ حڪومت عوام سان مذاق ڪري رهي، ٿر ۾ ڏڪار ۽ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو ڪير ٻيو نه پر سنڌ سرڪار پاڻ ذميوار آهي.

هن چيو ته ٿر ۾ امداد جي نالي تي اماڻيل ڪڻڪ جي ٻورين ۾ ملاوٽ ڇا ڪنهن آمر جي ڪارروائي آهي، ڏڪار متاثرن تي رحم ڪيو وڃي ۽ ذميوارن کي ڪيفر ڪرادار تائين پهچائي سخت سزا ڏني وڃي.

هن چيو ته ٿر سنڌ جو سڀ کان پٺتي پيل علائقو آهي، جنهن جي بهتري ۽ سهولتن لاءِ ڪي به اثرائتا اپاءُ نه ورتا ويا آهن.

خواجه اظهار الحسن جو اهو به چوڻ هو ته هو اڄ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران  ٿر ۾ ڏڪار ۽ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بابت التويٰ واري رٿ  تي بحث ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*