تحريڪ انصاف پاران بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف خلاف قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ التوا جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

National-Assembly-3217

تحريڪ انصاف پاران بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف خلاف قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ التوا جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

تحريڪ انصاف پاران التوا واري رٿ قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ جمع ڪرائي ويندي.

تيار ڪيل رٿ ۾ خواجا آصف کي فوري طور ايوان ۾ طلب ڪري قومي سلامتي بابت آمريڪا ۾ ڏنل بيان تي پڇاڻو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

پي ٽي آءِ رٿ ۾ پڇاڻو ڪيو ويو آهي ته خواجا آصف قومي سلامتي معاملن بابت تڪراري بيان ڪهڙي بنياد تي ڏنو، اسيمبلي جي معمول جي ڪارروائي روڪي کيس طلب ڪيو وڃي.

رٿ ۾ چيو ويو آهي ته خواجا آصف نوازشريف جي نااهلي بابت به تڪراري ڳالهيون ڪري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*