چيني سفير سن وائي ڊانگ، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته اوهان تمام چست ۽ جوشيلا آهيو

cm sindh meet chinesee safeer

چيني سفير  سن وائي ڊانگ، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته اوهان تمام چست ۽ جوشيلا آهيو، هر منصوبي جي پاڻ نگراني ڪندا آهيو.

چيني سفير سن وائي ڊانگ وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سان ملاقات  ڪئي، جنهن دوران سي پيڪ تحت جاري منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي هاڻ عملدر آمد جي مرحلي ۾ اچي چڪو آهي، جڏهن ته ڪيٽي بندر منصوبي تي سنڌ سرڪار جلد ڪم شروع ڪرڻ واري آهي.

چيني سفير چيو ته سي پيڪ ۾ 4 هزار ملازمتون پيدا ٿي چڪيون آهن.

سن وائي ڊانگ چيو ته اوهان تمام چست ۽ جوشيلا آهيو، هر منصوبي جي پاڻ نگراني ڪندا آهيو.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪيٽي بندر منصوبن لاءِ اوهان وٽ آيو هئس ۽ اوهان جي حمايت سبب اهي منصوبا سي پيڪ ۾ شامل ٿيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*