فيصل آباد ۾ شاگردن ۽ هٿياربندن ۾ چڪرين دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ واٽهڙو زخمي ٿي پيو، شاگردن جو احتجاج

فيصل آباد ۾ شاگردن ۽ هٿياربندن ۾ چڪرين دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ واٽهڙو  زخمي ٿي پيو، واقعي بعد مڇريل شاگردن احتجاج ڪندي ڪيترين ئي عمارتن جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا.

فيصل آباد ۾ گوجرانوالا روڊ تي قائم اسلاميه ڪاليج جي ٻاهران فائرنگ ڪندڙ هٿياربندن ۽ شاگردن ۾ هٿياربندن ۾ چڪريون ٿي پيون.

چڪرين دوران هٿياربندن جي مبينا فائرنگ ۾ هڪ واٽهڙو عمران زخمي ٿي پيو، جنهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو،  جتي سندس حالت ڳڻتي ٻڌائي پئي وڃي.

واقعي بعد مڇريل شاگردن ڀڃ ڊاهه ڪندي ڪيترن ئي عمارتن جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا ۽ ڌرڻو هڻي گوجرانوالا روڊ کي بند ڪري ڇڏيو.

واقعي بعد پوليس پهچي شاگردن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.

شاگردن جو چوڻ آهي ته حڪومت پاران ڪاليج جي سڪيورٽي لاءِ ڪي به انتظام ناهن ڪيا ويا، اڻڄاتل ماڻهو فائرنگ ڪن پيا پر پوليس جي ڪن تي جونءَ نٿي چري.

پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*