دهشتگردي ٽوڙ عدالت سلمان لاشاري قتل ڪيس ۾ گرفتار سلمان، ياسين ۽ ٻين مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوجوان سلمان لاشاري قتل ڪيس ۾ گرفتار سلمان ابڙو، ياسين جمالي، راشد، عمران ۽ مقبول مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جوابدارن پاران ڏوهه باسڻ کان انڪار ڪيو آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سلمان لاشاري قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جوابدار سلمان ابڙو، ياسين جمالي، راشد، عمران ۽ مقبول تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.

عدالت ۾ موجود 5 ئي جوابدارن ڏوهه باسڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته عدالت درخشان پوليس کي جوابدارن خلاف شاهديون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ڪراچي جي درخشان ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان سلمان لاشاري مارجي ويو هو، جوابي فائرنگ ۾ جوابدار سليمان ابڙو زخمي ٿي پيو ۽ سندس گن مين ظهير رند مارجي ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*