سپريم ڪورٽ حيسڪو جي 40 ملازمن جون مقرريون قانوني قرار ڏيڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ، حيسڪو جي چاليهه ملازمن جون مقرريون قانوني قرار ڏيڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي،  عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته تڪراري فيصلا ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڇو نه ٿي رهي آهي.

 جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ حيسڪو جي چاليهه ملازمن جون مقرريون قانوني قرار ڏيڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف حيسڪو جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

حيسڪو جي وڪيل منير پراچا دليل ڏيندي چيو ته حيسڪو ۾ 30 ايڪسين ۽ 10 ايس ڊي اوز جي غير قانوني مقرريون ڪيون ويون، جنهن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو پر هاءِ ڪورٽ ملازمن جي حق ۾ فيصلو ڏنو.

حيسڪو جي وڪيل چيو ته اداري جي مانيٽرنگ ڪميٽي چاليهه جي ملازمن جي مقرري واري معاملي جي جاچ ڪئي ، جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته چاليهه ئي ملازمن جون مقرريون قانون جي ابتڙ ٿيون آهن.

حيسڪو جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي مقرريون غير قانوني قرار ڏنيون وڃن.

عدالت، حيسڪو جي استدعا منظور ڪندي ملازمن جون مقرريون غير قانوني قرار ڏنيون ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو پڻ معطل ڪري ڇڏيو.

جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو ته اهڙا تڪراري فيصلا اچي رهيا آهن، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڇو نه پئي ٿئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*