بلوچستان ۾ بدامني جو خاتمو ۽ خوشحالي چاهيون ٿا، وزيراعظم نواز شريف

وزير اعظم ميان نواز شريف طلال بگٽي جي گهر وڃي سندس والده جي لاڏاڻي تي عذر خواهي ڪئي آهي، نواز شريف چيو آهي ته طلال بگٽي سان زبردست ڪچهري ٿي، هن پاڪ فوج جي تعريف ڪئي آهي، بلوچستان ۾ بدامني جو خاتمو ۽ صوبي ۾ خوشحالي چاهيون ٿا.

وزير اعظم ميان نواز شريف بلوچستان جي دوري جي ٻئي ڏينهن تي اتان جي سياسي قيادت سان ملاقاتون ڪري سينيٽ جي چونڊن، امن امان ۽ اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان ساڻن ڳالهيون ڪيون آهن.

وزير اعظم طلال بگٽي جي گهر وڃي سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير اعظم چيو ته طلال بگٽي سان سندس مثبت ڳالهيون ٿيون آهن، سندس والد سان به هُن جي سنگت هئي ۽ هو بلوچستان ايندو رهندو ته جيئن لاڳاپن کي مستحڪم ۽ مضبوط رکي سگهي.

هن چيو ته طلال بگٽي پاڪ فوج جي دهشتگردي خلاف جاري جنگ جي تعريف ڪئي آهي.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته سندس خواهش آهي ته بلوچستان مان بدامني جو خاتمو اچي ۽ خوشحالي اچي ۽ ان لاءِ سندس حڪومت صوبائي حڪومت سان ڀرپور تعاون ڪري رهي آهي.

ان کان اڳ وزير اعظم سان بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر جان محمد جمالي، نون ليگ اڳواڻ لشڪري رئيساڻي ۽ صوبائي وزير جعفر خان مندو خيل ملاقات ڪئي آهي، ملاقاتن ۾ صوبي جي سياسي صورتحال، سينيٽ جي چونڊن ۽ امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات دوران اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن تي عملدرآمد، سينيٽ جي چونڊن، سياسي صورتحال ۽ ترقياتي منصوبن سميت ٻين معاملن تي ويچاريو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*