وزيراعظم نواز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي جرمني روانو

وزير اعظم ميان نواز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي جرمني روانو ٿي ويو آهي.

وزير اعظم ميان نواز شريف جرمن چانسلر اينجيلا مرڪل جي دعوت تي جرمني روانو ٿيو.

وزير اعظم ٻه ڏينهن جرمني ۾ قيام ڪندو، ان عرصي دوران وزير اعظم اتان جي قيادت ۽ واپاري اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري ساڻن مختلف معاهدن تي صحيحون ڪندو.

وزير اعظم ميان نواز شريف هڪ ڏينهن اڳ ئي چين جي دوري تان ڏيهه وريو هو ۽ هاڻي وري جرمني جي دوري تي اُسهيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*