زمبابوي ٽيم هڪ دلچسپ مقابلي بعد يو اي اي جي ٽيم کي چئن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

11هين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي اٺين ميچ پول بي ۾ گڏيل عرب امارتن ۽ زمبابوي جي ٽيم وچ ۾ کيڏي وئي ،جنهن ۾ زمبابوي ٽيم هڪ دلچسپ۽سخت مقابلي بعد يو اي ايِ جي ٽيم کي  چئن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.

نيوزيلينڊ جي شهر نيلسن ۾ کيڏي ويل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي ميچ ۾زمبابوي جي ٽيم جي ڪپتان ايلٽن چگمبرا ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

گڏيل عرب امارتن جي ٽيم مقرره 50 اوورس ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 285رنز اسڪور ڪيون.

يو اي ايِ جي ٽيم پاران شميم انور 67، خرم خان45، ڪرشنا چندرن 34 ۽ پاٽيل 32رنز جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته امجد جاويد 25 ۽ محمد نويد 23رنز اسڪور ڪري ناٽ آئوٽ رهيا.

زمبابوي جي ٽيم پاران ٽينڊائي چتارا 3، جڏهن ته مائر ۽ وليمز ٻه-ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

زمبابوي جي ٽيم يو اي ايِ جي ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 286 رنز جو ٽارگيٽ 48 اوورس ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي پوري ڪري ميچ ۾ فتح پنهنجي نالي ڪئي.

زمبابوي جي ٽيم پاران شان وليمز 76رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪور رهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته برينڊن ٽيلر 47 ۽ سڪندر رِضا 46 رنز جي اننگ کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

گڏيل عرب امارتن جي ٽيم پاران محمد توقير 2، جڏهن ته محمد نويد، امجد جاويد، ڪرشنا چندرن ۽ناصر عزيز هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

زمبابوي جي شان وليمز کي بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*