بلديه ٽائون سانحي بابت جي آءِ ٽي لاءِ گهرو کاتي کي خط لکي ڇڏيو آهي، آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي

آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي چيو آهي ته بلديه ٽائون سانحي بابت جي آءِ ٽي لاءِ گهرو کاتي کي خط لکي ڇڏيو آهي، جوابدار رضوان قريشي جي کنيل نالن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو.

سي ايم هائوس ڪراچي ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي آءِ جي سنڌ چيو ته بلديه ٽائون سانحي جي مک جوابدار رضوان قريشي جنهن جا به نالا کنيا، انهن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها خبر ناهي ته رضوان قريشي هن وقت پاڪستان ۾ موجود آهي يا نه.

آءِ جي سنڌ چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي سانحي جي نئين سر جاچ ۽ گڏيل جاچ ٽيم جوڙڻ لاءِ گهرو کاتي کي خط لکيو ويو آهي.

آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پوليس جي بدلين بابت ڪا ڳالهه نه ٿي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*