امريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالهين جو پهريون مرحلو اڄ کان قطر ۾ شروع ٿي رهيو آهي

امريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالهين جو پهريون مرحلو اڄ کان قطر ۾ شروع ٿي رهيو آهي.

قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ امريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ امن ڳالهيون شروع ٿي رهيون آهن پر ان حوالي سان امريڪا توڙي قطر پاران ڪوبه بيان جاري نه ڪيو ويو آهي.

افغان طالبان ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين جو ٻيو دور سڀاڻي ٿيندو، پر خبر نه آهي ته انهن ڳالهين ۾ ڪا اڳڀرائي ٿيندي به يا نه، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ جيڪي به ڳالهيون ٿيون آهن انهن جو ڪوبه نتيجو نه نڪتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*